چارڻ نظير احمد ڊاڪٽر

چارڻ، نظير احمد، ڊاڪٽر: هوميوپيٿيءَ ۾ شهرت رکندڙ ڊاڪٽر ۽ ليکڪ نظير احمد چارڻ، 2 جون 1947ع تي جوهي تعلقي جي ڳوٺ پنهور ٻٽڙا ۾ ڄائو. پرائمريءَ کان بي. اي تائين تعليم دادوءَ مان حاصل ڪري، 1970ع ڌاري سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم. اي سوشالاجيءَ ۾ ڪيائين. هوميوپيٿيءَ ۾ چئن سالن جو ڪورس 1990ع ۾ پاس ڪيائين. بهتر ڪارڪردگيءَ تي کيس 1992ع ۾ ’پاڪستان ڪائونسل آف هوميوپيٿيءَ‘ گولڊ ميڊل ڏنو. 1994ع ڌاري جرمنيءَ مان ’بيچلر آف هوميوپيٿڪ ميڊيسن‘ جي ڊگري حاصل ڪيائين. هي پهريون سنڌي آهي، جنهن جرمنيءَ مان هوميوپيٿڪ ميڊيسن ۾ گرئجوئيشن ڪئي ۽ عورتن جي ڇاتيءَ جي ڪينسر ۽ ٻين زنانين بيمارين ۾ اسپيشلائيزيشن ڪئي آهي. ڊاڪٽر نظير احمد اخبارن ۾ هوميوپيٿيءَ بابت تحقيقي ۽ معلوماتي مضمون لکندو رهيو آهي. جنهن سان سنڌ ۾ ماڻهن ۾ هوميوپيٿي علاج بابت شعور پکڙيو آهي. ان سلسلي ۾ 1992ع کان 2000ع تائين هفتيوار معلوماتي مضمون روزاني ’جاڳواخبار ۾ ’جاڳو هوميوپيٿي ڪلينڪ‘ جي سري هيٺ لکيائين، جنهن ۾ هن عام بيمارين کان علاوه هر موذي مرض جي علاج بابت آگاهي ڏني. ويجھي ماضيءَ ۾ ڊينگي بخار، لشميناسس ۽ انٿراڪس بيمارين تي ڪيترا مضمون لکيا اٿس. ان کان سواءِ پاڻيءَ ۾ سنکيي، نانگ جي زهر جي علاج ۽ ٻارن جي بيمارين ۽ علاج بابت معلومات فراهم ڪندو رهيو آهي. ڊاڪٽر نظير چارڻ، ڊاڪٽر وليم بورڪ جو هوميوپيٿي دوائن جو ڪتاب ’مٽيريا ميڊيڪا‘ سنڌيءَ ترجمو ڪري رهيو آهي. عورتن جي عام بيمارين کانسواءِ ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت به ڪتاب ڇپائيءَ هيٺ اٿس. هو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا لاءِ به طب جي موضوع جون اهم داخلائون لکندو رهيو آهي. هن وقت دادوءَ ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1947.06.02  عيسوي

ڊاڪٽر ۽ ليکڪ نظير احمد چارڻ، 2 جون 1947ع تي جوهي تعلقي جي ڳوٺ پنهور ٻٽڙا ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

مولانا محمد نصرالله سومراڻي
تنوير انجم
پيرل پرديسي سيتائي
امير ابڙو
نور محمد انڍڙ
محمد اسماعيل جان روشن ٽکڙائي
اي شاهه شڪارپوري
سورٺ ٿيٻو
راشده علي پروفيسر
ادريسي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون